سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ فوج ۽ رينجرز طلب

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اليڪشن ڪميشن صوبي  جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ فوج ۽ رينجرز کي طلب ڪري ورتو . صوبائي اليڪشن ڪميشن ڊي جي رينجرز کي خط لکي اُماڻيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 26 جون تي رٿيل آهي. خط موجب مڪاني چونڊن لاءِ 9290 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز قائم ٿيڻيون آهن، فوج ۽ رينجرز جا اهلڪار پولنگ اسٽيشنز ٻاهران مقرر هوندا. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حساس ترين پولنگ اسٽيشنز ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايو وينديون.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.