معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان، ٻوڏ جو خدشو

ڪراچي (رپورٽر ) موسميات کاتي ملڪ ۾ هيل چوماسي برساتون معمول کان وڌيڪ پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب چوماسي سيزن جي شروعات جون جي آخري هفتي ۾ ٿي سگهي، جڏهن ته جون جي ٻئي هفتي ۾ چوماسي کان اڳ به برساتون ٿي سگهن ٿيون. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي آهي. موسميات کاتي موجب سانوڻي جي برسات جو پهريون مرحلو پهرين جولاءِ کان آگسٽ جي وچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته آخري مرحلو آگسٽ جي وچ کان سيپٽمبر جي آخر تائين جاري رهي سگهي ٿو موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر دوران پاڪستان ۾ 140.8 ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي اهو به چيو آهي ته سانوڻي جي مينهن دوران جابلو علائقن، درياهن، ندين نالن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته تيز برساتن سان جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خدشو هوندو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.