ڊالر ۽ سون اگهه ۾ تاريخي اضافو، پيٽرول مهانگو ٿيڻ جي افواهن سبب افراتفري، پمپن تي رش

ڪراچي/ اسلام آباد/لاهور( م ڊ)  ملڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب عوام جون ڊوڙون لڳي ويون، پيٽرول پمپن تي رش وڌي وئي. سون مهانگو ٿي ويو، ڪڪڙ جو اگهه به وڌڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.ناڻي واري وزير چيو آهي ته  پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف معاهدي تي هلون ها ته پيٽرول ٽي سئو رپيا ليٽر هجي ها . پيٽرول، بجلي مهانگي ٿيڻ باوجود ڊالر جي اڏام، 205 رپين جي بلند ترين سطح تي پهتو. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. سومر ڏينهن به ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي هئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 200 رپيا 6 پئسا تي بند ٿيو هو. اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڪاروبار دوران ڊالر 202 رپيا 75 پئسا جو ٿي ويو.  اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي 205 رپين جو ٿي ويو آهي  پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ باوجود امريڪي ڊالر جي اُڏام جاري آهي، جنهن سبب پاڪستان تي پرڏيهي قرض جو بار وڌي رهيو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالرز ساڍا 4 رُپيا واڌ بعد 205 رُپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ امريڪي ڊالر 202 رُپيا 75 پئسن جو ٿي ويو. رپئي جو ملهه مسلسل ڪرڻ سبب پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض جو بار وڌي رهيو آهي، معاشي ماهرن ڊالر جي اڏام تي ڳڻتي  ظاهر ڪئي آهي . هوڏانهن ملڪ ۾ ڊالر کانپوءِ سون جي قيمت کي به پر لڳي ويا   سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ 2800 رپين جي وڏي واڌ ٿي وئي، جڏهن ته  سون جي قيمت ۾ 1250 رپين جي واڌ ٿي آهي. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 43 هزار 250 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1072 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 22 هزار 814 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽ ٿيڻ کانپوءِ 1849 ڊالر في اونس آهي. پولٽري ايسوسيئيشن ڪڪڙ جو گوشت وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. پولٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪچي مال تي 35 کان 40 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ان سان ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ڊالر ۽ پيٽرول جي قيمت وڌي چڪي آهي، ان جا اثر ٽن مهينن کانپوءِ سامهون ايندا.هن حڪومت کان بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. يٽرول 25 رپيا مهانگو ٿيڻ جي افواهن سبب شهرين جون ڊوڙون لڳي ويون، ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي رش رهي. پيٽرول 25 رپيا مهانگو ٿيڻ جا افواهه پکڙيا، جنهن جي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ترديد ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف معاهدي تي هلون ها ته پيٽرول ٽي سئو رپيا ليٽر هجي ها. .اسلام آباد ۾ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان فيبروري ۾ روس ويو، ڪڻڪ ۽ گيس تي ڳالهيون ٿيون، تيل جو ڪٿي ذڪر نه هيو، جيڪڏهن سستو تيل ملي رهيو هجي ها ته عمران خان مارچ ۾ وٺي ڇڏي ها، جيڪڏهن شوڪت ترين ۽ عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي هلون ها ته پيٽرول هن وقت 300 رپين جو هجي ها. هن چيو ته 18-2017 ۾ اسان ڪڻڪ برآمد ڪري رهيا هئاسين، هن سال درآمد ڪنداسين، گذريل حڪومت کنڊ 48 رپين ۾ برآمد ڪئي ۽ پوءِ 96 رپين ۾ درآمد ڪئي، اسان کي پاڪستان ڏکين حالتن ۾ مليو پر اسان بهتر حالتن ۾ ڇڏي وينداسين، اميد آهي ته گھڻو جلد آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ته ڏکيا فيصلا ڪياسين ۽ ڪنداسين، 1600 ارب رپين جو خسارو پاور سيڪٽر جو آهي، ايس اين جي پي ايل 200 ارب رپئي جو نقصان ڪري چڪي آهي، اسان کي 21 ارب ڊالر ٻين ملڪن کي واپس ڪرڻا آهن، 12 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿيندو. مفتاح اسماعيل چيو ته شهباز شريف کي ذميواري ملئي ٻه مهينا ٿيا آهن، اسان گھڻا سخت فيصلا ڪيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.