ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بااختيار لوڪل گورنمينٽ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي جي درخواست تي سنڌ حڪومت سليڪٽ ڪميٽي جا منٽس جمع ڪرائي ڇڏيا. جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو جواب ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي جي روشني ۾ قانون سازي لاءِ سيلڪٽ ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين کي مڪاني چونڊن تي اعتراض آهي، ڪميٽي کي حتمي نتيجي تي پهچڻ ۾ مهلت گهرجي، جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته قانون سازي نه ٿي سگهندي، سموريون سياسي جماعتون سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بحث ڪري رهيون آهن. عدالت سنڌ حڪومت تي جواب تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي 20 جون تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.