ڪراچي ڌماڪي ڪيس ۾ اڳڀرائي، جوابدار جو رمانڊ منظور

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي صدر ڌماڪي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي وئي.پوليس گرفتار جوابدار صابر کرل کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. .عدالت جوابدار کي 10 جون تائين جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو..جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته جوابدار بم ڌماڪي ۾ ملوث آهي، جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر چيو ته ڪيس ۾ اصغر شاهه، غلام مهدي ۽ نورمحمد روپوش آهن، جوابدارن جو تعلق سنڌو ديش لبريشن آرمي سان آهي.ياد رهي ته 12 مئي تي  صدر ۾ ڌماڪو ٿيوهو ، جنهن  هڪ نوجوان  فوت ۽ ڪيئرائي زخمي ٿي پيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.