جوا جو اڏو هلائڻ تي معطل ڊي ايس پي ايس ڊي پي او نيو ڪراچي مقرر

ڪراچي ( رپورٽر ) ملير جي ميمن ڳوٺ ۾ ملڪ جي وڏي جوا جو اڏو هلائڻ تي معطل ڊي ايس پي ڪنور آصف کي ايس ڊي پي او نيو ڪراچي مقرر ڪيو ويو..ايس ايس يو ان وقت جي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي کان چند قدمن جي فاصلي تي واقع جوا جي اڏي تي ڪارروائي ڪئي هئي.ايس ايس يو جي ڪارروائي ۾ 150 کان وڌيڪ جوارين کي گرفتار ڪيو ويو هو ايڊيشنل آءِ جي، جي حڪم تي ڊي ايس پي ڪنور آصف ۽ ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ ثاقب خان کي معطل ڪيو ويو هو،انڪوائري ڪميٽي ڊي ايس پي جي  ڪرتوتن جو سڄو ملبو ايس ايڇ او تي وجهندي ڊي ايس پي کي ڪلين چٽ ڏني وئي، ڊي ايس پي جي آفيس به ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ قائم ٿيل هئي ۽ جتي جوا جو اڏو هو، اتي ڊي ايس پي کي روزانو ڀتو ڏنو ويندو. انڪوائري ڪميٽي حقيقتن جي ابتڙ بااثر ڊي ايس پي کي ڪلين چٽ ڏني ۽ ايس ايڇ او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس نااهل قرار ڏئي کيس نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. ذريعن موجب جوا جو اڏو هلائيندڙ کي موڪل ڊي ايس پي ڪنور آصف ڏني هئي ۽ ايس ايڇ او کي اکيون بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوا جو اڏو هلائيندڙ کي ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ مقرر انسپيڪٽر اشتياق غوري جو آشيرواد به حاصل هو، جنهن کي ڇاپي کان پوءِ ايس ايس پي آفيس مان بدلي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.