عذرا پيچوهو سچل ڳوٺ ۾ ميٽرنٽي يونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سچل ڳوٺ ۾ ميٽرنٽي يونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.مائرن ۽ چائلڊ هيلٿ سينٽر يونيسيف ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان قائم ڪيل .اسٽيٽ آف دي آرٽ ميٽرنٽي اينڊ نيونيٽل سينٽر 24 ڪلاڪ کليل رهندو، جنهن ۾ ٻار جي پيدائش لاءِ گهربل سموريون سهولتون موجود هونديون.ميٽرنٽي يونٽ جي قيام سان سچل ڳوٺ جي يوسي 12 ۽ 13 جي مائرن ۽ ٻارن جي صحت کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته پرائمري هيلٿ سينٽرن ۾ جديد ميٽرنٽي يونٽ شامل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.