2018ع ۾ بيسا کين سهاري اقتدار ۾ آياسين: عامر ڊوگر

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عامر ڊوگر اعتراف ڪيو آهي ته 2018ع ۾ اسان کي اسٽيبلشمينٽ جي بيساکين ذريعي اقتدار ۾ اچڻ نه گهرجي ها. نامياري صحافي ظفر نقوي پنهنجي وي لاگ ۾ تبصرو ڪندي چيو ته جنهن طريقي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ اعتراف ڪري رهيو آهي، ان کي ئي مقافات عمل چئبو  آهي، هڪ ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي عامر ڊوگر وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت ۾ ايم اين ايز  کي ٽيلفون ڪال ڪري حڪومت جي حمايت  تي مجبور ڪيو ويندو هو، عمران خان جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ دوران ته ميمبرن کي گاڏين ۾ ڀري ڀري آندو ويو هو، اهو سڀ ڪجهه غلط هو، سياستدانن کي بيساکين بدران عوامي طاقت  ذريعي اقتدار ۾ اچڻ گهرجي، پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي، بيساکين جو سهارو نه وٺڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.