جوهي لڳ ٻن ڌرين جهيڙو، ڪهاڙين جو استعمال، 3 زخمي

جوهي ( ن ع آ  )  ڪاڇي جي ڊرگھه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ پوٺو لنڊ ۾ لنڊ برادري جي ٻين ڌرين ۾ زمين ۽ بور جي مالڪي تان جهيڙو ٿي  پيو هڪ ڌر جي 8 کان وڌيڪ هٿيار بند حملي آورن ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪندي بادل  لنڊ، ساوڻ لنڊ جاويد لنڊ کي سخت زخمي ڪري جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا  زخمين کي سيريس حالت ۾ تعلقه جوهي آندو جتي زخمين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڌُرين وچ ۾ زمين  تي پاڻي واري بور جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هيو جنهن تان جهيڙو ٿيو آهي جڏنهن ته هڪ زخمي بادل لنڊ کي سيريس حالت ۾ سيوھڻ  بعد حيدراباد اسپتال رفر ڪيو ويو آھي  جڏهن ته ڳوٺ اندر ڌُريون مورچا بند ٿي ويون آهن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي, جنهن ڪري انساني جانيون  ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي, اطلاع ملڻ باوجود ڊرگهه بالا پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.