ننگر ڀرسان مورن ۾ بيماري، 20 پکي مري ويا

ننگرپارڪر (ن ع آ)ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ اوڻ جي وانڊيو ۾ مورن ۾ بيماري پکڙجڻ سبب ڪيترا مور مري ويا،وائيڊ لائيف کاتي وارا ننڊ  ستل آهن،20 مور مري چڪا آهن،تقريبن 10 ڏينهن کان ھر روز 2 کان 3 مور مرن ٿا،رهواسين موجب ته مور ٿر جي سونھن آھن ۽ ان سونھن کي بچائڻ لاءِ اسان اپيل ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري اھڙي ڪا دوا ڏني وڃي جو اسان مورن کي ھن وائرس کان بچائي سگھون جيڪڏهن مسلسل اھو ئي نمونو رھيو ته 1 يا 2 مھينن ۾ مور ختم ٿي ويندا،ڳوٺاڻن نريش پوري ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ علاج ڪريون ٿا پر مور روز مرندا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.