رتوديرو ۾ ايڊز ۾ ورتل وڌيڪ معصوم ٻارڙو فوت، انگ 62 ٿي ويو

رتوديرو  ( رپورٽ: طفيل ساريو )  رتوديرو لڳ ڳوٺ باهو خان ڪوش جي رهواسي ڳوٺاڻي قربان ڪوش جو ايڊز جي مرض ۾ مبتلا معصوم پٽ 7ورهين جو مهربان ڪوش گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو ،ان حُالي سان فوتي نينگر جي والد ٻڌايو ته ٽن ورهين کان منهنجي پٽ جو علاج هلندڙ هو هن چيو ته تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي جڏهن به دوا وٺڻ لاءِ ويندا هئاسين ته اتي رڳو ٽڪيون ڏنيون وينديون هيو ٽريٽمينٽ سينٽر تان معياري دوائون نه ملڻ سبب اهي مريض تي اثر ئي ڪو نه ٿيون ڪن هن چيو ته غربت هجڻ سبب پنهنجي پٽ جو علاج خانگي اسپتالن مان مهانگو علاج ڪرائي نه سگھيس جنهن سبب منهنجو پٽ صحتياب ٿيڻ بجاءِ فوت ٿي ويو ايڇ آءِ وي جي موذي مرض ۾ مبتلا شهر توڙي آس پاس جي ٻهراڙي وارن علائقن سان تعلق رکندڙ فوتين جو انگ 62 ٿي ويو آهي جڏهن ته مجموعي طور هن مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ 2 هزار آهي ان کان علاوه ايڇ آءِ وي جي مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جي والدين پاران ڪيترائي ڀيرا ان سلسلي ۾ احتجاج ڪري دانهيو ويو آهي ته اسان جي ٻارڙن کي ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تان معياري دوائون نه ٿيون ملن جنهن سبب انهن جي مرض تي ڪو به فرق نه ٿو ٿئي احتجاجن باوجود به دانهون ڪندڙن جي فرياد ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن وس وارن پاران هن طرف پنهنجو ڌيان نه ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.