جيڪب آباد ۾ بدامني، هٿيار بندن واپاري کان ڦر

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربند وچ شهر ۾ واپاري کان 12 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا خبر موجب سٽي ٿاڻي جي حد شاهه غازي محلا ۾ گردواري وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هندو واپاري اٺو مل کان 12 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته واپاري اٺومل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دڪان کان پئسا کڻي گردواري وٽ گهر  ٻاهران پهتس ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند پسٽل جي زور تي پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن سٽي پوليس  جو چوڻ آهي ته ڦر واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل روڪ رقم ھٿ ڪرائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.