ڪراچي مان اغوا ٿيل ناري آزاد نه ٿي، امڙ جو احتجاج

گڏاپ (ن ع آ) ڪراچي لاسي ڳوٺ مان مبينا اغوا ٿي ويل 14ورھين جي ناري سمرن حسن 10 ڏيھن گزرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھي، سھراب ڳوٺ پوليس 7  جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ھن مھل تائين ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سگھي، وارثن پاران پوليس جي ڪارگر دگي تي مايوسي جو اظھار ڪندي ناري سمرن حسن جي امڙ گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي ٽيم کي ٻڌايو ته سندس نياڻي کي شام چار وڳي مدرسي مان واپسي تي اغوا ڪيوويو جنھن جي ڪيس سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي ستن جوابدارن عيسو، حميد، نبي حسن۔ نادر، شھاب الدين، بلال، زرينا ۽ ھڪ نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ٿيڻ باوجود پوليس ھن مھل تائين ڪيس ۾ صرف ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، باقي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ٽال مٽول ڪري پئي، ناري جي امڙ روئيندي ٻڌايو ته نياڻي جي اغوا کي ڏھ ڏيھن گزري چڪا آھن پر نياڻي بازياب ناھي ٿي سگھي، جوان نياڻي جو گم ٿيڻ ڪنھن اذيت کان گھٽ ناھي، نياڻي جي وڌيڪ گمشدگي برادشت نه ٿي ٿئي، ھن سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، گورنر سنڌ، آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي، ايس ايس پي اوڀر، ايس ايس پي جانچ کان نياڻي جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري جومطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.