ڏکڻ ڪوريا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 6 هزار 172 ڪيس رپورٽ

سيئول (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 6 هزار 172 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو گڏيل انگ 1 ڪروڙ 81 لک 74 هزار 880 ٿي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 20 ماڻهو فوت ٿيا جنهن کانپوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 هزار 299 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 71 لک 20 هزار 321 ڪورونا متاثر صحت ياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 117 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.