اوٻاوڙو مان اغوا ٿيل نوجوان آزاد، ڏوهاري فرار

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو مسلسل آپريشن هلي رهيو هو ۽ اڄ (يعني) ڪل پوليس پريشر جي ڪري اغوا ڪار مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پوليس مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو جنهن بعد پوليس مغوي کي ٿاڻي وٺي آئي ۽ ضروري ڪارروائي بعد مغوي کي وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ هوڏانهن بازياب ٿيل مغوي ڪامران ٿهيم جو چوڻ هو ته مون کي نوڪري جو آسرو ڏئي هڪ عورت گهرايو ۽ مون کي 3 هزار ايزي پئسا ڪيا هيا ۽ اوٻاوڙو شهر کان مون کي هڪ موٽر سائيڪل سوار همراھ ڪچي وٺي ويو ۽ ڪچي پهچڻ کان پوءِ مون کي وڻ سان زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو هو ۽ مون پوليس بازياب ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.