ماسڪو (اي پي پي) روس وڌيڪ آمريڪيشهرين خلاف سفري پابنديون لڳايون آهن، ميڊيا رپورٽن موجن روس جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا پاران لڳايل پابندين جي جواب ۾ روسي حڪومت وڌيڪ 61 آمريڪي شهرين جي روس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ، آمريڪا جي خزاني واري وزير ييلن ۽ انرجي سيڪريٽري جينيفر گرانهو بليڪ لسٽ ۾ شامل آهن، ان کان اڳ روسي حڪومت 963 آمريڪي شهرين تي سفري پابنديون لڳائي چڪي آهي جن ۾ آمريڪي صد جوبائيڊن ۾ پڻ شامل آهي.