ميڪسيڪو ۾ٻيڙي اونڌي، 8 ڄڻا فوت

ميڪسيڪو سٽي (اي پي پي) ميڪسيڪو جي رياست سونورا جي سامونڊي ڪناري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 2 ٻارن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. چيني خابرو اداري مطابق  اختيارين ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن سامونڊي ڪناري ويجهو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ ننڍي ٻيڙي تيز لهرن سبب اونڌي ٿي وئي.  جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيم، سامونڊي ۽ فائر عملي جي گڏيل ڪوششن سبب 11 ماڻهن کي زنده بچايو ويو. سامونڊي معاملن واري وزارت جي شروعاتي جاچ مطابق اهو حادثو انساني غلطي سبب پيش آيو. جاچ مطابق ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا.

  • ارجنٽائن ۾ گذريل هفتي ڪورونا وائرس جا 46045 ڪيس، 84 فوتگيون رپورٽ

بيونس آئرس (اي پي پي) ارجنٽائن ۾ گذريل هفتي دوران ڪورونا وائرس جا 46045 ڪيسز رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪيسز جو انگ 92 لک 76 هزار 618 ٿي ويو. چيني خابرو اداري ارجنٽائن جي وزارت جي تازن انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل هڪ هفتي دوران 64 فوتگين کانپوءِ فوتگين جو مجموعي انگ هڪ لک 28 هزار 973 تائين پهچي ويو آهي. وزارت چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جا 344 مريض انتهائي نگهداشت جي يونٽن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن جي شرح 43.1 سيڪڙو آهي.

  • سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11313 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا: اين آءِ ايڇ

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 11 هزار 313 ڪورونا ٽيسٽ وڪيا يا، گذريل ڏينهن اين آءِ ايڇ جي جاري ڪيل ٽوئٽ موجب 24  ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 11 هزار 313 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 50 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا، اهڙي ريت 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 0.44 سيڪڙو رهي، ان دوران ڪورونا وائرس سبب ڪو به مريض فوت نه ٿيو جڏهن ته 57 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.