شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالڪريم بلڙي واريءَ جو عرس جاري

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ)سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تڙڏاڏي عظيم صابرين بزرگ اولياء شاهه عبدالڪريم  بلڙيءَ واري جو 411 هين ساليانو عرس مبارڪ جون اڄ ٽئي ڏينھن به تقريبون نھايت عقيدت واحترام سان ملھايون پيون وڃن عرس مبارڪ جي ٽئي ڏھاڙي به سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏھن ته درگاھ جي گادي نشين پير سيد شاھد شاهه ڪاظمي پير اسد شاھ ڪاظمي پير ارتضيٰ شاھ ڪاظمي پاران درگاھ تي اجتمائي ختم دعا پڻ گھري وئي جنھن ۾ درگاھ جي مريدن عقيدتمندن زائرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تيدرگاھ تي ث زائرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان درگاھ شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ  واري جي عرس مبارڪ تي ھر سال شريڪ ٿي دل سڪون حاصل ڪندا آھيون مگر اوقاف کاتي پاران درگاھ تي ھر سال انيڪ مسئلا درپيش ھوندا آھن نہ پاڻيءَ جي سھولت ھوندي آھي نہ رھڻ جي مگر مرشد جي محبت ڪري اسان اچي دعائون حاصل ڪندا آھيون اوقاف کاتي کي گھرجي تہ فوري طور درگاھ تي درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي جڏھن تہ درگاھ جي  گادي نشين پير شاهد شاھ ڪاظمي .  درگاھ شاھ عبداللطيف جي مقام گادي نشين سيد خاور حسين شاهه جي پاران اجتماعي دعائيہ تقريب  پڄاڻي تي پهتي دعائيه تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان  آيل هزارين مريدن عقيدتمندن زائرين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.