لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چار ڏينهن اڳ رائيس ڪئنال مان انجنيئر جو لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، واقعي جو ڪيس نامعلوم جوابدارن مٿان  داخل، وارثن انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال مان چار ڏينهن اڳ شيوا منڊلي واسي آبپاشي کاتي جي انجنيئر پرويز حسين سولنگي جو لاش هٿ آيو هو جنهن واقعي جو ڪيس انجنيئر جي پٽ ايڊووڪيٽ جهانزيب سولنگي جي فرياد تي حد جي رحمت پور ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته نامعلوم سبب جي ڪري والد مٿان تشدد ڪري سندس لاش رائيس ڪئنال ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. رابطي ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ جهانزيب سولنگي ٻڌايو ته منهنجي بابا کي نامعلوم جوابدارن قتل ڪيو آهي جنهن جي ڪيس ۾ جوابدارن کي ظاهر ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان رحمت پور پوليس ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ جي دائري کي وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.