بٺوري ۾ بدامني وڌي وئي، چوريون معمول بڻيل

ميرپوربٺورو (ت ر)ميرپوربٺورو ۾ چورين جو آزار گهٽ نه ٿيو،  بزرگ گرو نانڪ جي ٿلهي اسٿان مان به چوري، پوليس چورن خلاف چپ جو روزو  رکي ڇڏيو ، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۽ آسپاس گذريل ٻن مهينن کان چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ سبب شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته پوليس پاران ٻن مهينن دوران ويهارو کن ٿيل چوري وارداتن ۾ ملوث هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪرڻ سبب چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ بلو پنھور ويجهو مشهور بزرگ بابا گرو نانڪ جي ٿلهي اسٿان مان نامعلوم چور پاڻي جو موٽر ۽ پائيپ چوري ڪري ويا ۔ صحافين سان ڳالهائيندي ھندو پنچائت جي اڳواڻن سيٺ اشوڪ ڪمار سيٺ پريم چند سيٺ گلاب ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات ڪي نامعلوم چور مندر ۾ لڳل پاڻي وارو موٽر ۽ پائيپ چوري ڪري ويا هنن ٻڌايو ته ٿلهي اسٿان مان چوريون ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ لوھ جي ٽرالي به چور چوري ڪري ويا هئا جنهن جي شڪايت ۽ رپورٽ پوليس اسٽيشن ميرپوربٺورو تي داخل ڪرائي وئي ليڪن ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ سبب ٻيهر چوري جي واردات ٿي آهي، هنن ايس ايس پي سجاول ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ميرپوربٺورو کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ٿلهي اسٿان وٽ پوليس چوڪي قائم ڪري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.