جنگشاهي لڳ ٻڏي ويل نينگري جو لاش نه مليو، ڌرڻو

گجو(ن ع آ ) جنگشاهيءَ لڳ ڪي ڊي اي ڪئنال ۾ پاڻي  ڀرڻ دوران ٻڏي فوت ٿيل نينگريءَ جو لاش 30 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود هٿ نه آيو واقعي بعد انتظاميه پاران لاش ڳولڻ ۾ سهڪار نه ڪرڻ خلاف وارثن ۽ ڳوٺاڻن گجي ۾ ڪي ڊي اي پُل مٿان ڪراچي ٺٽو قومي شاهراھ تي رڪاوٽون رکڻ بعد ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن پاران انتظامي غفلت خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند ٿيڻ سبب ٻنهي پاسي سوين گاڏيون بيهجي ويون . ڳوٺاڻن امير جوکيو، بشير جوکيو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن جنگشاهي ڀرسان ڳوٺ شير علي جوکيو جي سامهون ڪي ڊي اي ڪئنال مان ڪپڙا ڌوئڻ دوران پاڻي ڀرڻ جي ڪوشش دوران پير ترڪڻ سبب نينگري شھناز ٻڏڻ لڳي تہ کيس بچائڻ  لاءِ سندس ننڍي ڀيڻ 8 ورهين جي نينگري آسودي جوکيو پاڻي ۾ ٽپو ڏنو آسپاس جي ماڻھن وڏي ڀيڻ کي ته بچائي ورتو پر ننڍي ڀيڻ آسودي ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش اڃان تائين هٿ اچي نه سگهيو آهي هنن چيو ته واقعي کي 30 ڪلاڪ گذري چڪا آهن انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا لاش ڳولڻ ۾ مدد لاء اپيلون ڪيون پر نه ته وٽن ڪو انتظامي عملدار پهتو آهي نه ئي ڪا ريسڪيو مهيا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.