همايون شريف ۾ ڀلوڙ مينهن چوري، فائرنگ، چور فرار

سلطان ڪوٽ (ن ع آ)سلطان ڪوٽ ڀرسان همايون شريف ۾ نامعلوم چورَ گهر کي کاٽ هڻي عبدالرحيم سڌايو جي ڀلوڙ مينهن چورائي فرار ٿي ويا، چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، فائرنگ دوران دوران نامعلوم چورَ رات جي ونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي پيو، ڀاڳين پاران پيراڊو جي مدد سان کنيل پيرا جاڳڻ جي حدن ۾ داخل، ياد رهي ته گذري ڪيترن ئي ڏينهن کان همايون شريف ۽ ڀرپاسي ۾ چوريءَ جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.