باقراڻي ۾ بدامني، ايئر فورس اهلڪار جي موٽر سائيڪل چوري

خير محمد آريجا (ن ع آ ) باقراڻي ٿاڻي جي حد مان امن جو پکي اڏامي ويو، باقراڻي وچ شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو موئن جو دڙو ايئر پورٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ ايئر فورس اھلڪار نعيم ميوو راجپوت جي گھر ٻاھران بيٺل نئين موٽر سائيڪل نامعلوم چوري  ڪاھي ويا ، جنھن بعد متاثر اھلڪار اھڙي واقعي جو اطلاع باقراڻي ٿاڻي تي ڪيو پر باقراڻي پوليس ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، جڏھن ته ڪجھ ڏينھن اڳ باقراڻي شھر مشھر موبال مستري غلام عباس شيخ جي پڻ گھر ٻاھران بيھاريل موٽر سائيڪل پڻ نامعلوم چور ڪاھي ويا ھئا، ھوڏانھن اھڙي وڌندڙ بدامني تي باقراڻي واسين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڳڻتي ۽ افسوس جو اظھار ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان گھر ڪئي ته خدارا باقراڻي شھر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي شھرين مان بي چيني دور ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.