ماٿيلي لڳ ناري کي اغوا ڪرڻ ڪوشش، دانهون، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ ) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ غلام حسين لغاري جي رهواسڻ ناري ميرزادي چانڊيو پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ پريس ڪلب پهچي دانهيو آھي ته مان پنهنجي ماءُ سان گڏ ميرپورماٿيلو شھر علاج لاءِ آياسين واپسي تي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن ڄڻن مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان جي دانهن تي شھري پهچي ويا شھرين مون کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ هڪ ڄڻي کي موقعي تي پڪڙي پوليس حوالي ڪرايو سين جنهن جي سڃاڻپ ميرحسن لغاري ٿي پر پوليس ان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بدران ان کان ڳُري رشوت وٺي ڇڏي ڏنو هنن وڌيڪ چيو ته پوليس وٽ وياسين ته پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ ڌڪا  ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،  ايس ايس پي گهوٽڪي  اسان سان انصاف ڪري جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.