بهاري جي ڪچي ۾ اهلڪار ڦورن هٿان زخمي

بھارو (رپورٽ: جاويد پنھور) بھارو ڀرسان ڦلو ٿاڻي جو اي ايس آئي ھمٿ علي ميراسي گمبٽ عدالت وڃي رھيو ھو ته بھارو ٿاڻي ڀرسان بھارو بچاءُ بند وٽ تاڙ ۾ بيٺل 2 موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن کيس روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اھلڪار پاران مزاحمت ڪرڻ تي مٿس قنداقن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب سندس ڄنگھ ۽ ٻانھن ڀڄي پئي ۽ ڦورو فرار ٿي ويا علائقي واسين اھلڪار کي کڻي گمس اسپتال پهچايو جتي سندس جو علاج ھلندڙ آهي، ڦلو پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڦلو پوليس ٻڌايو ته ليٽر ڏئي اھلڪار کي اسپتال موڪليو آهي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، ھوڏانھن علائقي ۾ آھي چؤٻول ھلي رھيا آھن تھ منشيات جي منٿلي نه ملڻ تي پوليس ۽ منشيات فروشن ۾ جھڳڙو ٿي پيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.