شاهنواز ڏاهاڻي اڃا تائين ون ڊي ڊيبيو ڪيپ ملڻ جو منتظر
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪرڻ جو منتظر آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان دنيا جو ڌيان ڇڪائيندڙ شاهنواز ڏاهاڻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ به پاڻ مڃرائي چڪو آهي پر اڃا تائين کيس ون ڊي ڊيبيو ڪيپ ناهي ملي سگهي.
لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر کي گذريل سال سيپٽمبر ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو پر بدقسمتي سان اها سيريز نه ٿي سگهي هئي.
پوءِ هو آسٽريليا جي پاڪستان دوري دوران به ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل رهيو پر کيس ڊيبيو نه ڪرايو ويو.
شاهنواز ڏاهاڻي سڀاڻي کان ويسٽ انڊيز خلاف شروع ٿيندڙ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل آهي پر ڏسجي ته هن ڀيري ان کي ڊيبيو ڪرايو وڃي ٿو يا اڃا به کيس موقعو نٿو ڏنو وڃي.
واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ باوجود ٽيسٽ فارميٽ ۾ به قومي ٽيم جي نمائندگي ناهي ڪري سگهيو، جڏهن ته بنگلايش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ بهترين اڪانامي سان ٻه شڪار ڪري چڪو آهي.