ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي گهري: بلاول ڀٽو زرداري

ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي گهري: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي گهري.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي نه گهري ته حقيقت وڌيڪ کلي ويندي ته ڀارت سيڪيولر يا جمهوري نه پر هندو بالادستي جو ملڪ آهي.

هن چيو ته افغانستان مان وڌيڪ پناهگير اچڻ جو خطرو آهي، افغان حڪومت کي عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، افغانستان مان انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جن جي زندگين کي خطرو آهي، افغانستان ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ وڃي رهيا آهن.

روس يوڪرين معاملي تي سندس چوڻ هو ته يوڪرين تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، اسان روس يوڪرين مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏيندا رهنداسين، سڀني تڪرارن کي نيٺ ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي ترجيح پاڪستان جي معاشي سفارتڪاري کي هٿي ۽ دنيا سان سٺا رابطا رکڻ آهي.

ان موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي حمايت ڪيون ٿا.

هن چيو ته افغانستان انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته روسي جارحيت يورپ ۽ سڄي دنيا لاءِ خطرناڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.