ڪوٽڙي: خانگي ڪاٽن فيڪٽري جي پورهيتن جو انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ خانگي ڪاٽن فيڪٽري جي پورهيتن پاران انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

خالق ساريو، شهريار گوپانگ، عرفان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورهيتن ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قائم عوامي ڪاٽن فيڪٽري جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج مظاهرو ڪري، انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پورهيت ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اجرت ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪرڻ تان عوامي ڪاٽن فيڪٽري انتظاميا جبري طور برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هنن چيو ته احتجاج ڪرڻ باوجود انتظاميا جي ڪن جونءَ به نٿي چري، سنڌ حڪومت ۽ ليبر کاتو معاملي جو نوٽيس وٺي نوڪرين تي ٻيهر بحال ڪرائي پورهين کي جائز  حق ڏياريا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.