ڪنڌڪوٽ ۾ فوتي نوجوان جي وارثن جو احتجاج، نوجوان کي قتل ڪرڻ الزام

ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن پاران احتجاج ڪري قتل جو الزام هنيو آهي.

غريب آباد پاڙي جي واسي فوتي اسد سميجو جي ڀاءَ محمد بخش، خدا بخش ۽ سندس سئوٽ غلام حسين سميجو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ الزام مڙهيندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ سندن نوجوان اسد الله سميجو کي ڊومڪي برادري جي شخص عبدالله نشي واري انجيڪشن هڻي قتل ڪيو.

هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار، اسد کي انجيڪشن هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي ۾ رکيل 20 هزار رپيا به کڻي ويو.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.