سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ واقعن جو نوٽيس ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڳ ۾ ئي جوڙيل حڪمت عملي تي سختي سان عمل ڪن.

سنڌ جي وڏي وزير سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ گشت کي وڌائين.

هن اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڏوهارين خلاف آپريشن کي تيز ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مون کي ٻن ڏينهن اندر اسٽريٽ ڪرائيم خلاف آپريشن جا تفصيل ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.