منظور وساڻ سنڌ ۾ مڪاني ۽ عام چونڊن جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ مڪاني ۽ عام چونڊن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

پنھنجي بيان منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿينديون، مخالفن کي شڪست ملندي ۽ عام چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون.

هن چيو مون کي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جا وڏا رانديگر جيل ۾ هوندا ۽ اسان حڪومت ڪري رھيا ھونداسين.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي سٺي نموني نه هلايو، عمران جي حڪومت ۾ ڊالر مهانگو ٿيو، ماڻهن کي نه گهر مليا ۽ نه نوڪريون مليون، عمران خان احتساب جو جيڪو شوشو ڇڏيو هو، هاڻي پاڻ به ان ئي احتساب کان ڊڄي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.