ڪڪڙ جو گوشت وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پولٽري ايسوسيئيشن ڪڪڙ جو گوشت وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

پولٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خال مال تي 35 کان 40 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ان سان ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي.

هن چيو ته ڊالر ۽ پيٽرول جي قيمت وڌي چڪي آهي، ان جا اثر ٽن مهينن کانپوءِ سامهون ايندا.

پولٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين جو چوڻ هو ته پولٽري انڊسٽري ۾ 60 سيڪڙو خام مال ٻاهرين ملڪن مان گھرائڻو پوي ٿو، خدشو آهي ته غذائي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، اڳتي فوڊ سپلاءِ نه فوڊ سيڪيورٽي تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.

هن حڪومت کان بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.