ڏاج جي معاملي تان ٽن ڀينرن اجتماعي آپگهات ڪري ڇڏيو !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اترئين علائقي ڇپيا ۾ ٽن ڀينرن ڏاج جي تڪرار کانپوءِ ٻن ٻارن سميت کوهه ۾ ٽپو ڏئي اجتماعي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

ڪالو، ڪمليش ۽ ممتا مينا جي عمر 23 کان 27 سالن جي وچ ۾ هئي جن جي شادي هڪ ئي گهر ۾ ٽن ڀائرن سان ٿي هئي.

ٽنهي ڀينرن جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندن ڌيئرون ڏاج جي تڪرار تي جهيڙي کانپوءِ اڪثر گهر اچي وينديون هيون.

ڪجهه ڏينهن بعد اهو چونديون هيون ته اسان کي مڙسن ڏانهن ڇڏي اچو اسان کي اتي ئي رهڻو آهي نه ته مڙس ماريندا.

سندن ماءُ سونو ديوي چوي ٿي ته ڍور ڍڳو مري وڃي تڏهن به ڏک ٿيندو آهي هي ته منهنجون ٽي ڌيئرون هيون، دل ٽٽي پئي آهي.

پوليس موجب في الحال جاچ جاري آهي ۽ موت کي آپگهات جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.

ياد رهي ته ٽنهي ڀينرن جا لاش پنهنجي ساهرن جي ويجهو هڪ کوهه مان مليا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.