اڳوڻو افغان صدر اشرف غني ملڪ مان فرار ٿيڻ وقت گهڻو مال کڻي ويو؟ ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا

طالبان جي اقتدار سنڀالڻ تي ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ملڪ مان فرار ٿيندڙ اڳوڻي صدر اشرف غني تي 16 ڪروڙ ۽ 80 لک ڊالر بريف ڪيس ۾ کڻي وڃڻ جو الزام هو پر هاڻي هڪ رپورٽ ۾ اصل رقم جو پتو لڳايو ويو آهي.

آمريڪي اخبار واشگٽن پوسٽ موجب جتي افغان صدر تي 16 ڪروڙ 80 لک ڊالر پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جا الزام آهن اتي صدارتي محل مان 50 لک ڊالر پڻ گم هئا.

اهڙي نموني نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي جي والٽ مان ڏهه ملين ڊالر کڻي ويو هو ۽ افغان حڪومت جي بئنڪ اڪائونٽن مان پڻ لکين ڊالر گم هئا.

افغان حڪومت ۽ ان جي فوج جي خاتمي جي  تفصيلن تي ٻڌل آمريڪي حڪومت جي نگران اداري اسپشل انسپڪٽر جنرل فار افغان ري ڪنسٽرڪشن (سيگر) به پنهنجي عبوري رپورٽ ۾ ان گم ٿيل رقمن جي تصديق ڪئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته اها رقم اڳوڻو صدر اشرف غني پاڻ سان کڻي ويو هجي، جنهن جي جاچ اسپيشل انسپڪٽر جنرل فار افغانستان ري ڪنسٽرڪشن ڪري ورتي آهي.

سيگر اشرف غني تي لکين ڊالرز چوري ڪري کڻي وڃڻ واري الزام جي جاچ ڪئي، سيگر جي رپورٽ موجب آمريڪا جي سينيئر اهلڪار انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو افغان صدر ملڪ مان فرار ٿيندي وقت هيلي ڪاپٽر ۾ ڪروڙين ڊالرز نه پر 10 لک ڊالرز کان گهٽ رقم کڻي ويو هو.

سيگر جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪروڙين ڊالرز کڻي وڃڻ جو امڪان گهٽ آهي پر اڳوڻو صدر ڪجهه روڪ رقم ضرور کڻي ويو  جيڪا 10 لک ڊالرز کان وڌيڪ نه هئي ۽ ممڪن آهي اها 5 لک ڊالر هجن.

سيگر پنهنجي جاچ رپورٽ لاءِ اشرف غني جي فرار ٿيڻ وقت جي اکين ڏٺن شاهدن ۽ ملڪي عهديدارن جي انٽرويوز ڪيا هئا جن شاهدي ڏني هئي ته جيتري وڏي رقم جو الزام لڳايو پيو وڃي ايتري روڪ رقم جا ڪي به آثار نظر نه آيا هئا.

اکين ڏٺن شاهدن ۽ عهديدارن جي شاهدي پنهنجي جاءِ تي پر سيگر کي پنهنجي جاچ رپورٽ دوران صدارتي هائوس، نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي ۽ افغان بئنڪ مان گم ٿيندڙ ڪروڙين ڊالرز بابت ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.