پاڪستان آيل جرمن پرڏيهي وزير کي ڪورونا ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي موجود جرمن پرڏيهي وزير جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچي ويو.

جرمني جي پرڏيهي وزير اينالينا بيئربوڪ ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچڻ کانپوءِ پنهنجو پاڪستان دورو مختصر ڪري ڇڏيو آهي.

هن پاڪستان ۾ پنهنجون رهيل سموريون مصروفيتون ختم ڪري ڇڏيون آهن.

واضح رهي ته جرمن پرڏيهي وزير کي يونان ۽ ترڪي به وڃڻو هو.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ جرمن پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات به ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.