مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انٽرپول کي گهربل ٻه ڀائر دبئي مان گرفتار

دبئي پوليس انٽرپول کي گهربل ٻن امير ڀارت ڄاون ڏکڻ آفريڪي شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار پاڻ ۾ ڀائر آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻئي ڀائر ڏکڻ آفريڪا کي مني لانڊرنگ ۽ فوجداري ڪيسن ۾ گهربل آهن جن کي سومر ڏينهن دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.اَتُل ۽ راجيس گپتا تي ڏکڻ آفريڪا جا سرڪاري ٺيڪا حاصل ڪرڻ ۽ من پسند وزيرن جي مقرري لاءِ رشوتون ڏيڻ جو الزام آهي.

رشوت جيڪب زوما جي 9 ورهين جي صدارتي دور ۾ ڏني وئي هئي جنهن جو اقتدار 2018ع ۾ ڪرپشن جا الزام لڳڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو .

ٻنهي ڀائرن زوما جو تختو اونڌو ٿيندي ئي دبئي فرار ٿي ويا هئا، پنهنجي هڪ بيان ۾ دبئي پوليس چيو ته کين انٽرپول طرفان جاري ڪيل ريڊ نوٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته هاڻي ڏکڻ آفريڪي ۽ دبئي پوليس وچ ۾ جوابدارن جي حوالگي بابت لائحه عمل طئي ڪيو پيو وڃي.

ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي انصاف واري وزارت گرفتارين جي تصديق ڪئي آهي پر کيس ٻنهي جوابدارن جي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ جي اميد ناهي.

انصاف واري وزارت جو چوڻ آهي ته في الحال گڏيل عرب رياستن ۽ ڏکڻ آفريڪا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رڳو ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته گذريل سال چيو هو ته جوابدارن جي ڪمپني کي 13 لک پائونڊ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو ۽ ان رقم  ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.