سوناڪشي سنها کي مسلمان اداڪار آءِ لو يو چئي ڇڏيو !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪارا سوناڪشي سنها کي هڪ مسلمان اداڪار آءِ لو يو چئي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ سندس نالو ٽرينڊنگ ۾ اچي ويو آهي.

بالي ووڊ هيرو ظهير اقبال پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو سوناڪشي سان فلائيٽ ۾ موجود آهي.

وڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪار سوناڪشي کي آءِ لو يو چوندي کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون.

هن لکيو ته سالگرهه مبارڪ هجي سونز مون کي قتل نه ڪرڻ جي مهرباني، اسان ٻئي هڪ ٻئي کي سڃاڻون ٿا، اسان وٽ کاڌي پيتي، اڏامن ۽ ٽهڪن سان گوگڏ گهڻو ڪجهه آهي.

سوناڪشي به ظهير جا ٿورا مڃيندي آءِ لو يو ٽو لکيو ۽ چيو ته مان هاڻي تنهنجي قتل لاءِ اچي رهي آهيان.

پهرين ڀيرو سوناڪشي سنها ظهير اقبال طرفان پنهنجي ويجهن لاڳاپن ۽ محبت جو سرعام اعلان ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ سندس هٿ ۾ پهريل منڊي بابت به اڳڪٿيون هيون ته سندس زندگي ۾ ڪو شخص شامل ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.