لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏو وزير حمزا شهباز اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي.
پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ بلاول هائوس لاهور پهتو.
آصف علي زرداري سان حمزا شهباز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ورڪنگ رليشن شپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آصف زرداري، حمزا شهباز کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ورڪنگ رليشن شپ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن عمران خان جي غير جمهوري حربن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ ننڍي چونڊ گڏيل طور وڙهڻ تي اتفاق ڪيو.
حمزا شهباز جو چوڻ هو ته عوامي خدمت جي سفر ۾ هڪ آهيون ۽ رهنداسين، پ پ اتحادي جماعت آهي، ان کي گڏ کڻي هلنداسين.
هن چيو ته ورڪنگ رليشن شپ وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مشاورت جاري رهندي، ن ليگ ۽ پ پ جو اتحاد عوام جي خدمت لاءِ آهي، سياست کي عبادت سمجهان ٿو ۽ اجتماعي فيصلن جو قائل آهيان.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي ڊي سيٽ ٿيندڙ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي 20 سيٽن تي 17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ ٿيندي.