پيرسن ماڻهن کي فالج کان بچڻ ۽ تندرست رهڻ لاءِ  تُرت ڪهڙيون سرگرميون اختيار ڪرڻ گهرجن ؟

هڪ تازي تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پيرسني ۾ ڪئي ويندڙ غيرفعال سرگرميون پيرسن فردن ۾ فالج جو خطرو 14 سيڪڙو وڌائي ڇڏينديون آهن، مطلب جسماني ورزش ۽ سرگرمي نه ڪرڻ سان ان بيماري جو خطرو وڌي سگهي ٿو .

آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ تحقيق ۾ اهو پتو لڳايو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جو 13 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهي ويهي گذاريندا آهن، انهن کي، انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي 11 ڪلاڪ کان گهٽ وقت ان نموني گذاريندا آهن، فالج ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

ان جي ابتڙ روزانو 25 منٽ معمولي ورزش ڪرڻ سان فالج ۾ مبتلا ٿيڻ جي امڪانن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي آهي.

ماضي جي مطالعن ۾ ڏٺو ويو آهي ته آرس اسان جي شريانن ۾ ڄرٻي ٺاهڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ دل جي بيمارين  ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي سگهن ٿا.

جسماني سرگرميون ڪوليسٽرول، رت جي دٻاءُ  ۾ ۽ ڄرٻي ۾ گهٽتائي آڻي فالج جي خطري کي گهٽائڻ مدد ڏينديون آهن.

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي سان ڊياگو يونيورسٽي جي ماهرن آمريڪا جي ايورج 63 سيڪڙو جي پيرسن مرد ۽ عورتن سان حرڪت کي ٽريڪ ڪرڻ وارا اوزار لڳايا.

تحقيق ۾ شامل فردن کي چيلهه تي ايڪسيليرو ميٽر پائڻ جو چيو ويو جنهن هڪ هفتي تائين اهو ڏٺو ته انهن ماڻهن ڪيتري حرڪت ڪئي ۽ ڪيتري شدت سان ڪئي.

کين اهو اوزار لازمي طور ڏينهن ۾16 ڪلاڪن تائين پائڻو هو پر رات ۾ سمهڻ دوران ان کي لاهڻ جي اجازت هئي.

ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن مان انهن ماڻهن جي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن غيرفعال رهڻ، هلڪي ورزش ڪرڻ جهڙوڪ گهر ۾ گهمڻ يا ان کان ٿوڙو وڌيڪ محنت واري ورزش جهڙوڪ سائيڪلنگ وغيرا ڪرڻ جي وقت کي نوٽ ڪيو ويو.

غيرفعال سرگرمين جو مطلب آهي ته ڪرسي تي ويهي رهڻ، صوفي تي ليٽي پوڻ يا دير تائين بيهڻ.

ستن ورهين کانپوءِ محققن پاران انهن فردن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو تجزيو ڪيو ويو  ته خبر پئي ته اِهي ماڻهو جيڪي ڏينهن ۾ 13 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصو غيرفعال رهندا آهن انهن کي فالج ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.