وزيراعظم جو عربي ٻولي وارو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل

 

ٽوئيٽر وزيراعظم شهباز شريف جو عربي ٻولي ۾ لانچ ڪيل آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو.

شهباز شريف جو عربي ٻولي جو ٽوئيٽر هينڊل گذريل رات ئي فعال ڪيو ويو هو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي معطل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم جو عربي ٻولي ۾ ٽوئيٽر اڪائونٽ فعال ٿيڻ تي شهباز شريف جي ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ابوبڪر عمر چيو هو ته وزيراعظم جو عربي ٻولي ۾ ٽوئيٽر اڪائونٽ فعال ڪرڻ جو مقصد عرب عوام ۽ ملڪن سان لاڳاپن ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ آهي.

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان عربي ٻولي ۾ ٽوئيٽ ڪندو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.