رپئي جي بي قدري، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 205 رپيا ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

سومر ڏينهن به ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي هئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 200 رپيا 6 پئسا تي بند ٿيو هو.

اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڪاروبار دوران ڊالر 202 رپيا 75 پئسا جو ٿي ويو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي 205 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.