ڇنڇر جي موڪل بحال، ڪابينا ميمبرن جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي پابندي، مارڪيٽن جي جلد بندش تي ڪميٽي قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت توانائي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ بچت مهم تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ حڪومت ڇنڇر ڏينهن موڪل بحال ڪري ڇڏي،جڏهن توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪيٽون شام 7 وڳي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏھن تھ حتمي فيصلو نھ ٿي سگھيو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي پيٽرول ڪوٽا 40 سيڪڙو گهٽائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.

ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته هن وقت بجلي گهرج ۽ کپت ۾ فرق آهي، بجلي گهرج 28400 ميگاواٽ آهي جڏهن ته موجود بجلي 25600 ميگاواٽ آهي.

هن چيو ته اسان هلندڙ مهيني گذريل سال کان وڌيڪ پيدا ڪئي آهي، ٻه ڏينهن وزيراعظم رڳو لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي ڏٺو، هاڻي 2871ميگاواٽ وڌيڪ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته 30 جون تائين پورٽ قاسم پلانٽ مان 600 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، ان کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو وقت ٻه ڪلاڪ ٿي ويندو.

سڌ سماءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته ضروري دورن کانسواءِ حڪومتي آفيسرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومتي آفيسرن ۽ ڪابينا ميمبرن جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي پڻ پابندي مڙهي وئي آهي.

هن چيو ته سرڪاري سطح تي گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائي آهي، سرڪاري گڏجاڻين کي ورچوئل ۽ ويڊيو تي شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سمورن سرڪاري آفيسن ۾ مانجهاندي، رات جي ماني ۽ هاءِ ٽيز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.