جنگشاھيءَ ويجھو ننڍي ڀيڻ کي بچائيندي وڏي ڀيڻ ڪراچي واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

ٺٽو/جنگ شاهي (ڊ ر+ن ع آ)جنگ شاھي ويجھو ڳوٺ عالم شير جوکيو وٽ ڪپڙا ڌوئڻ دوران سومار جوکيو جي نياڻي شھناز پير ترڪڻ سبب ڪراچي واھ ۾ ڪري پئي، جنھن جي رڙين تي سندس وڏي ڀيڻ اسدي کيس بچائڻ لاءِ واھ ۾ ٽپو ڏنو، ٻئي ڀينرون هڪ ٻئي کي بچائيندي ٻڏي ويون.واٽهڙن همت ڪري هڪ نينگري شھناز جوکيو کي بچائي ورتو جڏھن ته اسدي جوکيو هٿ نه اچي سگهي.هڏانهن مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٻڏي ويل نينگري جي ڳولا جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.