وزيراعظم جو اقتصادي ويزن متحرڪ معيشت سان هڪ خوشحال پاڪستان آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو اقتصادي ويزن متحرڪ   معيشت سان هڪ خوشحال پاڪستان آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو اقتصادي ويزن متحرڪ معيشت سان گڏ هڪ اهڙو خوشحال پاڪستان آهي جتي ترقي پائيدار ۽ جامع هجي. جتي سڀني جي لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا هجن، جتي اسان غربت جو خاتمو ۽ پنهنجي سمورن شهرين کي باوقار معيار زندگي فراهم ڪري سگهن.

 ميهڙپوليس خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا )ميهڙ بي سيڪشن پوليس ، ون فائيو انچارج جي زيادتين ، پوليس پاران گهرن ۾ گهڙي عورت سميت 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف کوسا برادري جي مردن ۽ عورتن پاران وحيد کوسو ، نويد ، مسمات زيبا، افشان، زينت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين انڊس هاء وي تي رڪاوٽون رکي انڊس هاء وي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون مظاھرين چيو ته اسان کوسا برادري ۽ زرداري برادري جي ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ سنڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي جنهن جو عدالت ۾ ڪيس به هلندڙ آھي پر ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جو وڏو منشي خدابخش زرداري ۽ ون فائيو انچارج الاهي بخش زرداري پنھنجي برادري جي هڪ ڌر جي ونگار وهندي اسان جي گهرن نوراني ڪالوني تي وڏن اٽالن سميت چڙهائي ڪري گهر ۾ گهڙي مردن ۔ عورتن تي تشدد ڪري رتورت ڪرڻ بعد پوليس اسان جي گهر مان ٽن ماڻھن مهتاب گاڏهي ڪومل کوسو ۽ ڀٽو گاڏھي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو تہ کنڀي کڻي گم ڪيل مھتاب،ڪومل ۽ ڀٽو اسان جا عزيز آھن اسان جي گھر ۾ ترسيل ھئا تہ پوليس بنا جواز گهر ۾ گهڙي تشدد ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي هنن گهر ڪئي آھي ته واقعي جي جانچ ڪري بنا جواز گهر ۾ گهڙي تشدد ڪندڙن خلاف قدم کڻي گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو ھوڏانھن ايس ايس ايچ او اصغر شاه مظاھرين سان ڳالھيون ڪري يقين ڌياني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

ميهڙ ۾ مڇي جي تلاءُ تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ميھڙ ( س ر ) ميهڙ ۾ سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي جي تلاء تان جاري تڪرار سبب هڪ ڌر پاران مختيارڪار آفيس ڀرسان سيلون تي ويٺل محرم پٽ سڪندر سوڍر تي حملو ڪري ڏنو جنهن دوران ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ميهڙ پوليس کڻي تعلقي اسپتال پهچايو جتي کيس طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ زخمي ٻڌايو ته جوابدارن ذڪريا ، ڀٽو، گلزار، حنيف ، الياس ، ڪريم سوڍر ۽ ٻين حملو ڪري ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو آھي، جوابدار منهنجي قميص به کڻي ويا آھن جنهن ۾ روڪ رقم، ڪارڊ ۽ ٻيو سامان هيو واقعي جي ميهڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.