ٺٽي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جي احتجاجي ريلي

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ۾ سامونڊي پٽي جي کانٽي واھ جي آبادگارن جو پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين آبادگار ڪرم علي چاڙو، صادق چاڙو، مصري چاڙو، شريف چاڙو، حسن ماڃريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءِ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ عوامي تحريڪ جا اڳواڻ مٺا خان لاشاري ۽ گھنور خان زنئور به شامل ٿي ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  کانٽي واھ تي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي جي کوٽ آھي، اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون، پاڻي نه ھجڻ سبب زراعت تباھ ٿي وئي آھي جون جو مھينو گذري پيو پر اڃا تائين سارين جو ٻيجارو پوکي ناھيون سگھيا، پاڻي جي کوٽ سبب سڄو علائقو بنجر بڻجي ويو آھي.هنن گهر ڪئي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسان کي سڪون سان زندگي جيئڻ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.