واهي پانڌي واسي بلوچستان ويندي روڊ حادثي ۾ فوت

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي جو مشهور واپاري سيٺ عبدالحفيظ رستماڻي قاسماڻي ڪراچي کان خضدار ويندڙ روڊ سان هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو  ، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي کان خضدار ويندڙ روڊ سان مني بس جو ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو، َ مني بس ٽرالي جي ٽڪر سبب کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا ،فوت ٿي ويلن ۾َ واهي پانڌي واسي واپاري عبدالحفيظ رستماڻي به شامل آهي جڏهن ته سندس جو هڪ پٽ احمد به شديد زخمي ٿي پيو آهي..

 ڦلجي ۾ سماجي اڳواڻ غلام رسول کوسو جي پهرين ورسي

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ) ايم آر ڊي تحريڪ ضلع دادو جو ڪنوينر سماجي تنظيم عوامي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بانيڪار عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجو ۽ شھيد فاضل راهو جي ساٿي سماجي شخصيت مرحوم ڪامريڊ غلام نبي کوسو جي پھرين ورسي جي تقريب ڦلجي پريس ڪلب تي ڪوٺائي وئي ان موقعي تي آيل سڀنن مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا ويا ، تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪئي وئي، مھمانن کي آڄياڻو عوامي شوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڦلجي جي صدر ڪامريڊ خالد حسين کوسو پيش ڪيو، تقریب جي صدارت عوامي شوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين سيد نظام شاهه ڪئي،تقریب ۾ سنڌ جي مزاحمتي شاعر عاشق حسين دادوي، ممتاز مصطفي دوست ، نياز الاهي ابڙو، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شاھنواز سومرو، شاعر اديب ڪالم نگار وفا ياسين آرائين،محمد نواز چانڊيو ،سليم مغل ، الھ بچايو پنھور، آخوند نور احمد ڏھوٽ، صحافي وقاص ياسين، ھالار ياسين ، نديم ڪوثر، نور دين ساگر، اسلم آزاد، سومرو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان تي موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ غلام نبي کوسو جي زندگي تي روشني وڌي وئي ۽ سندس جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي پڻ ساراھيو ويو.

 جوهي  ويجهو عورت ڏنڊا هڻي زخمي، گهر اندر قيد، احتجاج

جوهي( ن ع آ ) جوهي جي ڳوٺ سچل پهوڙ ۾ شادي شده عورت ڏيرن جي تشدد سبب رتو رت, زخمي حالت ۾ گهر ۾ پيل آهي کيس اسپتال نيئڻ بدران گهر اندر قيد ڪيو ويو آهي, مليل اطلاع موجب گهرو ڳالهين تان ڏيرن شادي شده عورت  زرينه زال لعل بخش پهوڙ کي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري مرڻينگ ڪري وڌو آهي جيڪا بيهوشي واري حالت ۾ گهر اندر پيل آهي جنهن کي اسپتال وٺي وڃڻ بدران گهر اندر ئي رکيو ويو آهي, زخمي عورت جي وارثن کي به ساڻس ملڻ نٿو ڏنو وڃي, زخمي عورت جي ڀاءُ اميد علي پهوڙ موجب سندس ڀيڻ کي بلاجواز تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي, هن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ جي حياتي بچائڻ لاء ڪوششون وٺي کيس اسپتال پهچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.