لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان منشيات، چوري ڪيل موٽرسائيڪل، چنگچي رڪشه، موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس منشيات فروش احسان مگسي کي هيروئن سميت، ايئرپورٽ پوليس منشيات فروشي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار حبدار عرف حبو ڪوري کي ۽ وليد پوليس شهري محمد خان لغاري جي چنگچي رڪشه ۾ ملوث جوابدار آصف گوپانگ کي چنگچي رڪشه سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي وليد پوليس نيو اناج منڊي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو 8 جوارين کي گرفتار ڪري سندن وٽان موبائل فونون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري سندن مٿان گناهه نمبر 2022/79 قلم 5 جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته باڊهه پوليس شهري قربان علي ڀنڊ کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي