لوڊشيڊنگ ملڪ جي رواجي زندگيءَ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو

ملڪ ۾ هن ڀيري گرمي جي موسم جلد اچي وئي آهي يا وي ائين چئجي ته ماحولياتي توازن ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي ڪري هن سال اپريل مهيني شروع ٿيڻ سان ئي سموري خطي ۾ گرمي جو پد تيزي سان وڌي ويو،جنهنڪري ڪيترائي نوان مسئلا پڻ پيدا ٿي ويا، ٻئي پاسي هن ئي سال ۾ پهرين ٽماهي ختم ٿيڻ سان ئي اقتدار جون واڳون نيئن حڪومت وٽ اچي ويون، گهڻ پارٽي اتحادي حڪومت جڙڻ سان عوام کي اها توقع هئي ته عام ماڻهون جي ڪجهه مسئلا حل ٿيندا پر ٿيو ان جي ابتڙ، جنهن ڪري هر طرف کان موجوده سرڪار تي تنقيد ٿي رهي آهي.

ملڪ ۾ اپريل کان شروع ٿيل گرمي جي لهر تاحال جاري آهي ته وري ٻئي پاسي هنن شديد گرمين هوندي بجلي جي اعلانيل توڙي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،وقت بوقت وزيراعظم شهباز شريف بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي اهڙيون هدايتون ڏئي رهيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪئي وڃي پر ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري هر هنڌ کان ماڻهن جو اهي شڪايون اچي رهيون آهن ته لوڊشيڊنگ جي وقت وڌڻ ڪري عوام ساڳي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.

تازو هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي ان کي ختم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي پر  سنڌ سميت ملڪ ۾ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. ڪراچي جي  صدر، ڪورنگي، لانڍي، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ 10 کان 16 ڪلاڪن تائين بجلي غائب رھڻ لڳي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوشيڊنگ جاري آهي. ٻهراڙي ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. شھرين موجب ھڪ ته مھانگائي وڌي وئي آھي، سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري گھر اچبو آهي ته  سڄي سڄي رات بجلي نه هئڻ ڪري هنن جو سڪون برباد ٿي رهيو آهي.

پنجاب ۾ به 8 کان 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. لاهور ۾ به 8 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اين ٽي ڊي سي ذريعن موجب بجلي پيداوار 20 هزار ميگاواٽ آهي ۽ بجلي جي گهرج 27300 ميگاواٽ آهي. ملڪ ۾ 7300 ميگاواٽ بجلي کوٽ آهي. ٻئي طرف ڊسٽري بيوشن ڪمپنين توانائي وزارت کي لوڊشيڊنگ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو.هن کان اڳ هڪ وزير بجلي بچائڻ جي لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر ان بابت ڪو فيصلونه ٿي سگهيو آهي.

سموري ملڪ ۾ بجلي اهم شعبو آهي جنهن بنا هن وقت زندگيءَ هر حوالي سان مشڪل ٿي وئي آهي، بجلي سان ئي ڪيتريون ئي صنعتون پڻ لاڳايل آهن، ملڪ جي سمورن شعبن جو ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ پاور ضرور آهي، جنهن جو فوري حل بجلي ئي آهي، هن وقت حڪومت عوام کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اڳوڻي  سرڪار جي ڪوتاهين يا ڪمزورين جي ڪري ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پيدا ٿي آهي يا وري بجلي جي پلانٽن جي جوڳي سار سنڀال نه لهڻ ڪري ملڪ ۾ هن وقت بجلي جي کوٽ ٿي آهي اهو سڀ ڪجهه درست هجي ته به هنن حالتن ۾ ماڻهو اهو نٿا ٻڌڻ چاهين جيڪو به ڪجهه درست يا غلط آهي اهو بهرحال حڪومت جو ئي ڪم آهي جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي اهڙي وضاحت ڏيڻ جي بجاءِ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ئي پنهنجي ڪارڪردگي توڙي ساک کي بچائي سگهجي ٿو. عوام ته بجلي جا بل به ڀري ٿو جنهن جي اگهن ۾ به وقت بوقت سرڪار عالمي ادارن  جي حڪمن تي في يونٽ ۾ وڌارو به ڪندي رهي ٿي .

هتي ايندڙ هر سرڪار اهو سمجهي ٿي ته ملڪ ۾ بجلي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لازمي آهي ان هوندي به ڪڏهن به اهڙي حڪومت نه آئي آهي جنهن مڪمل طور تي بجلي جي لوڊشيدنگ ختم ڪري ڇڏي هجي. ڪيترائي حلقا اهو چون ٿا ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نٿي ڪئي وڃي،ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه گهڻي درست نه هجي پر عوام وٽ انهن سمورن خدشن توڙي امڪانن کي ماپڻ جي لاءِ صرف ئي صرف حڪومت جي ڪارڪردگي سان ئي جواب ڏئي سگهجي ٿو، سو هن وقت تائين جي ڪارڪردگي مان ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته سرڪار هن طرف ڪو ڌيان نٿي ڏيڻ چاهي.

دنيا ۾ نعم البدل توانائين تي ڪم هلندڙ آهي پري نه وڃجي پر نار وارن ملڪن ۾ وڏن شاهراهن تي لڳل بتين بلبن کي  سولر سان ٻاريو وڃي ٿو.اهڙي تجربو هتي ڪرڻ کان ڪنهن حڪومت کي روڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن سرڪار واقعي به غريب عوام جو اونو رکي ٿي ته پوءِ اهو به ڪري سگهجي ٿو ته عام ماڻهون کي سستي اسڪيم هيٺ سولر وارو سسٽم ئي ڪري ان بابت ترغيب ڏيڻ سان بجلي جو ڪنهن حد تائين لوڊ گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر طرف ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

اسان اميد ڪريون ٿا ته موجود سرڪار جيڪا پاڻ کي عوام جي حقيقي همدرد قرار ڏئي رهي آهي سا اهڙا عملي قدم کڻندي جنهن سان عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهن. بجلي جي يقينن کوٽ هوندي پر ان کوٽ جي پورائي جي لاءِ به جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي.ان ڪري هاڻي جيڪڏهن سرڪار پنهنجي علمي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته ان جو خراب نتيجو نڪرڻو آهي.

وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جنهن سان ڪنهن کي اهڙي شڪايت نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو هن جديد دور ۾ بجلي نه هئڻ جو مطلب ٿيندو آهي ته سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي وڃڻ .جنهن جو ماڻهن جي رواجي ڪم توڙي عام حياتي تي وڏو اثر پوي ٿو، شهرن ۾ ڪاروبار .گهرن ۾ زندگيءَ ۽ صنعتن جي پيداوار هن  وقت بجلي جهڙي اهم ۽ بنيادي اسم سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي کوٽ سان عوام جو لکين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ته عام حالتن واري رواجي زندگي گهڻي متاثر ٿئي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.