ٺل مال پڙي بند پيل ، انتظاميا مالوندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

ٺل (ن ع آ ) ٺل جي انتظاميه پاران اسٽيشن روڊ تي قائم قديمي مال پڙيتي بندش واري مامري کي حل نه ڪري سگهي آهي،گذريل هڪ سال کان وٺي ٺل جي مال پڙي بند پيل آهي جنهن کي زبردستي انتظاميه پاران بند ڪرايو پيو وڃي ۽ واپارين پاران قديمي مال پڙي جي بحالي جي لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي،ڪالهه اي سيڪشن ٿاڻي تي احتجاج ڪندڙ مالوندن جي خلاف اي ايس آءِ رسول بخش بروهي جي فرياد تي محمد حسن ٻرڙو،غلام نبي،عبدالستار بنگلاڻي،پانڌي،نياز احمد، خير محمد سميت 18 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس ڪيس ۾ غيرقانوني مال پڙي هلائڻ،ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد ٿيل واپارين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.اي سيڪشن ٿاڻي تي مالوندن جي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي خلاف سڄاڻ ڌرين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن پاران مذمت ڪئي وئي آهي، سوشل ميڊيا ذريعي مهم هلائيندي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته مال پڙي جي مامري کي انتظاميه پاران حل ڪيو وڃي ۽ مالوندن جي مٿان داخل ڪيل ڪيس کي ختم ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.ياد رهي ته ٺل جي مال پڙي جي واپارين پاران مال پڙي جي جبري بندش خلاف احتجاج ڪيو هو، جنهن بعد انتظاميه پاران واپارين جي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.