پاڻ سڳورن جي شان ۾ گستاخي تي هندستان خلاف سموري دنيا ۾ شديد تنقيد

هندستان جي  حڪمران پارتي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ٻن اڳواڻن پاران پيغمبر اسلام ۽ مسلمانن جي شان  ۾ گستاخي وارين سموري دنيا جي مسلمان ملڪن پاران شديد تنقيد ڪئي ڪئي آهي، اهڙي عمل کي مسلمانن خلاف جنگ جو اعلان قرار ڏنو ويو آهي،

بي جي پي جي سرڪاري ترجمان نوپور شرما هڪ ٽي وي شو ۾ پاڻ سڳورن جي  باري ۾ تڪراري بيان ڏنو جڏهن ته حڪمران پارٽي جي هڪ ٻئي اڳواڻ نوين جندال، جيڪو پارٽي جي ميڊيا ونگ جو سربراهه پڻ هو، ٽوئيٽ ڪيو ته ان معاملي بابت ٻڌايو. نوپور شرما جي بيان خاص طور تي هندستان جي اقليتي برادري يعني مسلمانن ۾ ڪاوڙ کي جنم ڏنو ۽ ملڪ جي ڪجهه رياستن ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ٻنهي اڳواڻن پنهنجي بيانن تي معافي گهري ورتي آهي جڏهن ته بي جي پي نوپور شرما جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ نون جندال کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

بي جي پي ڪنهن به مذهبي شخصيت جي توهين جي سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾، پارٽي چيو ته بي جي پي ڪنهن به سوچ جي خلاف نه آهي،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي جي پي اهڙن ماڻهن ۽ فلسفين جي حوصلا افزائي نٿي ڪري ۽ اهڙو بيان حڪمران پارٽي جي فلسفي جي عڪاسي نٿو ڪري،

مبصرن جو چوڻ آهي ته  بي جي پي جي ٻن اڳواڻن جا بيان گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ  جي اندر وڌندڙ مذهبي تقسيم کي ظاهر ڪن ٿا.بي جي پي جو ردعمل ناڪافي آهي. پاڪستان جي سمورن حلقن سميت ڪويت، قطر ۽ ايران ڀارتي سفيرن کي آچر تي طلب ڪري احتجاج ڪيو ۽ هندستان کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي.سعودي پرڏيهي وزارت پڻ ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ترجمان جي بيان جي نندا ڪئي آهي  تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هندستان جي حڪمران پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ حڪومت کي به ان معاملي تي معافي وٺڻ گهرجي. ٻي صور ت ۾ اسلامي ملڪن سان هندستان جا لاڳاپا خطري ۾ پئجي سگهن ٿا.نار  ڪائونسل (جي سي سي) سان هندستان جو واپار ڪويت، قطر، سعودي عرب، بحرين، عمان ۽ يو اي اي هلندڙ  آهي،تجزئي نگارن موجب هندستان جو وزير اعظم نريندر مودي 2014 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي باقاعدي انهن نار ملڪن جو دورو ڪندو رهيو آهي. .

نقادن جو چوڻ آهي ته 2014 ۾ بي جي پي جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ وڌي آهي، جنهن سان هندستان جي سماج اندر ڪٽرپڻو وڌيو آهي جنهن کي رياست هٿي ڏئي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو انتهاپسند هندو اهڙن خيالن کي بنا روڪ ٽوڪ جي اظهارين ٿا نتيجي ۾ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان خوف ۾ ورتل آهي ۽ اهڙا ڪيترا ئي واقعا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ايندا رهن ٿا،اهڙو ڪو عمل هندستان کي ڪنهن به وقت وڏو نقصان ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.